سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

بلوچستان جي علائقي خضدار ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 5 دهشتگرد مارجي ويا

بلوچستان جي علائقي خضدار ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 5 دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب فورسز 14 ۽ 15 سيپٽمبر جي وچ واري رات ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، فورسز ڀارتي پراڪسي فتنه الهندستان جي ٿاڪ کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو، فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ 5 دهشتگرد ماريا ويا، مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو، مارجي ويل دهشتگرد علائقي ۾ مختلف دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث هئا، علائقي ۾ موجود وڌيڪ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، سيڪيورٽي فورسز ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي ناسور جون پاڙون پٽڻ لاءِ پرعزم آهن

Related posts

Leave the first comment