پنجاب ۾ ٻوڏ سبب هر پاسي تباهي، دريائن ۾ غير معمولي ٻوڏ جي صورتحال، لکين ماڻهو متاثر، هزارين ايڪڙن تي فصل ۽ گهر ٻڏي ويا، قصور ۾ ستلج درياءَ ۾ گنڊا سنگهه وٽ تاريخ جو سڀ کان وڏو ٻوڏ جو وهڪرو، پاڻي جو وهڪرو 3 لک 3 هزار ڪيوسڪ ٿي ويو، ملتان ۾ اڄ وڏو وهڪرو داخل ٿيندو، مظفر ڳڙهه ۽ ملتان کي بچائڻ لاءِ مختلف هنڌن تي سپر بند ٽوڙڻ تي غور، پاڪ پتن، احمد پور شرقيه، چشتيان ۾ حفاظتي بند ٽٽڻ سبب ڪيتريون ئي وسنديون پاڻي هيٺ اچي ويون، رابطا ڪاٽا، مختلف واقعن ۾ فوتين جو انگ 30 ٿي ويو، فلڊ فور ڪاسٽنگ ڊويزن موجب ستلج درياءَ ۾ گنڊا سنگهه وٽ انتهائي مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار آهي، تلوار پوسٽ جي ڀرواريون ٻهراڙيون خالي ڪرائڻ لاءِ اعلان ڪيا ويا، راوي درياءَ ۾ هيڊ بلوڪي ۽ هيڊ سڌنائي وٽ پاڻي جي سطح ۾ واڌ، شاهدره ۽ جسڙ وٽ لاٿ رڪارڊ، چناب درياءَ ۾ هيڊ پنجند واري هنڌ پاڻي جي آمد وڌڻ لڳي، ڊي جي پي ڊي ايم اي عرفان علي ڪاٺيا جو چوڻ آهي ته قصور شهر کي بچائڻ چئلينج آهي، ملتان جي علائقن مان 3 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي لڏپلاڻ جو سلسلو جاري آهي، پاڪ فوج جون مختلف علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري