– وفاقي حڪومت ۽ صوبن وچ ۾ شڪ جي فضا آهي، ڪنهن به صوبي کي ٻئي صوبي تي اعتماد نه آهي: وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته ڊيمن ۽ ڪينالن جي ڳالهه ڪئي وڃي ته اتفاق راءِ ناهي ٿيندو، هر صوبي کي ٻئي صوبي تي شڪ آهي ته اُهو ان جو پاڻي روڪي ڇڏيندو، صوبن وچ ۾ شڪ جي فِضا ختم ڪرڻ جو حل ٽيليميٽري سسٽم آهي، ٽيلي ميٽري جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي، هڪ اڌ سال ۾ ٽيلي ميٽري جو ڪم مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي




