پي ڊي ايم اي پنجاب جو جهنگ ۽ چنيوٽ کي بچائڻ لاءِ رواز پل تي گهارو هڻڻ جو فيصلو، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ تعليمي ادارا هڪ هفتي لاءِ بند ڪرڻ تي غور، ننڪاڻه صاحب، شيخوپورا ۽ ٽوبا ٽيڪ سنگهه جي دريائي علائقن کي خالي ڪرڻ جي هدايت، راوي درياءَ ۾ شاهدرا واري هنڌ تي مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار، پاڻي جي وهڪرن ۾ گهٽتائي اچڻ شروع، وهڪرا 2 لک 13 هزار 440 ڪيوسڪ رڪارڊ، لاهور جي ڪجهه علائقن ۾ درياءَ جو پاڻي داخل ٿي ويو، چناب درياءَ ۾ چنيوٽ برج تي پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ، چنيوٽ پل تي پاڻي جا وهڪرا 8 لک 30 هزار هڪ سئو ڪيوسڪ رڪارڊ، خانڪي وٽ پاڻي جي آمد 3 لک 5 هزار 436 ڪيوسڪ، ٽه مُنهين هيڊ ورڪس وٽ پاڻي جي سطح ۾ اضافو، هيٺانهين وارن علائقن مان ماڻهن جي محفوظ هنڌن تي منتقلي، سرگوڌا جي ڪوٽ مومن جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي داخل، فصلن کي نقصان، ستلج درياءَ ۾ گنڊا سنگهه والا وٽ پاڻي جا وهڪرا 2 لک 61 ڪيوسڪ کان وڌيڪ، فيروز پور وٽ انتهائي مٿانهٿين درجي جي ٻوڏ، انتظاميا ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ ۾ رڌل، سيالڪوٽ، نارروال، گجرانوالا ۽ هيڊ خانڪي ۾ پاڪ جو ريسڪيو آپريشن
