راوي درياءَ ۾ شاهدرا واري هنڌ پاڻي جي سطح ۾ واڌ، وهڪرا هڪ لک 85 هزار ڪيوسڪ کان مٿي ٿي ويا، ضلعي انتظاميا موجب اڄ راوي مان 2 لک ڪيوسڪ جو وهڪرو گذرڻ جو امڪان آهي، جسڙ واري هنڌان ٻوڏ جو زور گهٽ ٿيڻ لڳو، پاڻي جو وهڪرو هڪ لک 21 هزار ڪيوسڪ تي اچي ويو، چناب درياءَ ۾ هيڊ خانڪي ۽ هيڊ قادر آباد ۾ وهڪرن ۾ گهٽتائي اچڻ شروع، هيڊ خانڪي وٽ پاڻي جو وهڪرو ساڍن 10 لکن کان گهٽجي 8 لک 59 هزار ڪيوسڪ تي اچي ويو، هيڊ قادر آباد وٽ پاڻي جو وهڪرو 9 لک 96 هزار 601 ڪيوسڪ ٿي ويو، ستلج درياءَ ۾ گنڊا سنگهه واري هنڌ پاڻي جو وهڪرو 2 لک 61 هزار ڪيوسڪ کان وڌيڪ، گنڊا سنگهه واري هنڌ غير معمولي ٻوڏ ۽ هيڊ مرالا وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ، هيڊ مرالا وٽ پاڻي جو وهڪرو هڪ لک 91 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ، راوي درياءَ ۾ بلوڪي ۽ ستلج درياءَ ۾ سليمانڪي وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ، بهاولپور ۾ ستلج درياءَ ۾ ٻوڏ سبب سوين ايڪڙن تي وونئڻن ۽ ڪڻڪ جو فصل پاڻي هيٺ، گجرانوالا ڊويزن ۾ ٻوڏ سبب 7 ڄڻافوت، 3 گم، گجرات ۾ 3، سيالڪوٽ، نارووال ۽ 2- 2 ڄڻا فوت، هيڊ قادر آباد وٽ پاڻي جو دٻاءُ گهٽائڻ لاءِمنڊي بهاءُ الدين ۽ علي پور ڇٽا واري هنڌ 2 گهارا هنيا ويا، پاڪ فوج جو ريسڪيو آپريشن جاري
