سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

پاڪستان ۽ آمريڪا پاران هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عزم جو ورجاءُ

– پاڪستان ۽ آمريڪا پاران هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عزم جو ورجاءُ، آمريڪي سفارتخاني جي پڌرائي موجب پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ دهشتگردي روڪ ڊائيلاگ جي صدارت نبيل منير ۽ گريگري ڊي لوجرفو گڏيل طور ڪئي، پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڳالهين ۾ ڌرين بي ايل اي، داعش خراسان، ٽي ٽي پي جي خطرن کي منهن ڏيڻ تي زور ڏنو، سڪيورٽي چئلينجز ۽ نئين ٽيڪنالاجي جي دهشتگردي ۾ استعمال کي منهن ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ادارن جي ڍانچن کي مضبوط بڻائڻ ۽ صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻ تي زور ڏنو ويو، آمريڪي پرڏيهي ترجمان ٽيمي بروس جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪا ۽ پاڪستان سهڪار وڌائڻ جي طريقن تي ڳالهيون ڪيون، دهشتگردي جي سمورين صورتن کي منهن ڏين لاءِ گڏيل عزم ورجايو ويو

Related posts

Leave the first comment