پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت بنادير نئون قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، جيڪي منصوبا ۽ ذميواريون وفاق وٽ هونديون هيون، اهي 18 هين ترميم تحت صوبن کي ڏياريون، ان جي باوجود 18 هين ترميم کان اڳ واري اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي مالي وسيلا ڏنا پيا وڃن، آئين تحت هر پنجن سالن کانپوءِ نئون اين ايف سي ايوارڊ ڏيڻ گهرجي، آئين ۾ واضح آهي ته نئين اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو نه گهٽايو وڃي، 18هين ترميم تحت صوبن تي وڌيڪ ذميواريون آهن ته مالي وسيلا به وڌيڪ ڏنا وڃن، ايف بي آر جي پنهنجي ناڪامي آهي جو اُها ٽيڪس اوڳاڙي نه ٿي سگهي، بلاول ڀٽو زرداري جون حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون، سندس چوڻ آهي ته بي ايل اي ۽ مجيد برگيڊ کي آمريڪا طرفان دهشتگرد قرار ڏيڻ پاڪستان جي وڏي ڪاميابي آهي، بي ايل اي ۽ مجيد برگيڊ پاڪ ڀارت جنگ دوران کليل نموني مودي جي حمايت جو اعلان ڪيو هو، ڪوشش آهي ته گڏيل قومن جي معرفت اهڙين تنظيمن کي دهشتگرد تنظيمون قرار ڏياريون، سياسي اتفاق راءِ سان 26هين آئيني ترميم آندي ويئي، هڪ سياسي جماعت کي ذاتي ڏکيائين سبب ان ترميم تي شڪايتون آهن، 26هين آئيني ترميم غير معمولي ڪاميابي آهي
