حڪومت اقليتن جي ڀلائي ۽ بااختيار بڻائڻ لاءِ عملي قدم کنيا آهن، اقليتن جي حب الوطني ۽ خدمتون سموري قوم لاءِ فخر جو سبب آهن، آئين سڀني شهرين کي بنا ڪنهن فرق جي برابر حقن جي ضمانت ڏئي ٿو، آئين اقليتن جي سياسي، معاشي، مذهبي، سماجي ۽ ثقافتي حقن جي مڪمل طور تي حفاظت ڪري ٿو، صدر مملڪت آصف علي زرداري جو اقليتن جي ڏهاڙي تي پيغام، سندس چوڻ آهي ته 2009 ۾ صدر جي حيثيت سان پنهنجي پهرين دور ۾ 11 آگسٽ کي اقليتن جي ڏينهن طور اعلان ڪيو، اقليتن جي بااختيار بڻائڻ، ترقي ۽ ڀلائي لاءِ ڪم جاري رکيو ويندو، ڀائيچاري، هم آهنگي ۽ ٻڌي ذريعي خوشحال پاڪستان بڻايو ويندو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان اقليتن کي قومي ڏهاڙي تي اقليتي ڪميونٽي کي واڌايون، سندس چوڻ آهي ته اقليتن جو ڏهاڙو عام ڏينهن نه پر باباءِ قوم جي جي واعدي جي ياد ڏياري ٿو، اقليتن جي حقن جي پاسداري، احترام ۽ سلامتي ملڪ جي جمهوري ويزن جو اڻٽٽ ٿنڀ آهي، سندن جدوجهد اهڙي پاڪستان لاءِ آهي جتي ڪو به شهري مذهبي بنياد تي پاڻ کي ڌار يا غير محفوظ محسوس نه ڪري، پيپلز پارٽي هميشه هڪ جامع پاڪستان جي علمبردار رهي آهي
