گڏيل قومن ۾ فلسطين ۽ اسرائيل ٻه رياستي حل بابت ڪانفرنس، پاڪستان جو فلسطين کي يو اين جي مڪمل ميمبرشپ ڏيڻ جو مطالبو، ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته امن لاءِ ٻه رياستي حل کان سواءِ ڪو رستو ناهي، اڄ غزا انساني حقن جي قانون جو قبرستان بڻجي چڪو آهي، پاڪستان فلسطين جي حق خوداراديت جي حمايت جاري رکندو، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتوگوتريس چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ جٽادار امن لاءِ فلسطين مسئلو حل ڪرڻو پوندو، موجوده تڪرار خطي کي غير مستحڪم ڪري رهيو آهي، هي قدم عمل جوڳي ٻه رياستي حل لاءِ سندن گڏيل خواهش کي پورو ڪرڻ ڏانهن اڳڀرائي کي متحرڪ ڪري سگهي ٿو، سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان چيو آهي ته فلسطيني رياست ٺهڻ تائين اسرائيل سان لاڳاپا قائم ۽ ان کي تسليم ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، اسرائيل فلسطين بحران ۾ ٻه رياستي حل کي عملي جامو پهرائڻ ئي علائقائي استحڪام جي ڪُنجي آهي، فرانس ۽ سعودي عرب جي ميزباني ۾ نيويارڪ ۾ شروع ٿيل ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس جو آمريڪا ۽ اسرائيل پاران بائيڪاٽ