وڏي وزير جو وفاقي حڪومت کان ڪي فور منصوبي لاءِ فنڊ جلد جاري ڪرڻ جو مطالبو، وڏي وزير مراد علي شاهه سان وفاقي وزير ميان محمد معين وٽو جي ملاقات، وڏي وزير ۽ وفاقي وزير پاڻي ماهرن ۽ واپڊا جي گڏيل ڪميٽي جوڙي ڇڏي، ڪميٽي پاڻي جي دستيابي تي رپورٽ جوڙي پيش ڪندي، وڏي وزير جو چوڻ آهي ته پاڻي ورهاست معاهدي موجب ٿيڻ گهرجي، پاڻي ورڇ جو ڪيس اڳوڻي وزيراعظم خاقان عباسي جي دور ۾ ٺهيو، اٽارني جنرل جي سربراهيءَ ۾ ٺهيل ڪميٽي جي رپورٽ سي سي آءِ ۾ رولڙي جو شڪار رهي، پاڻي معاملي تي سنڌ ۽ پنجاب جا آبپاشي عملدار پاڻ ۾ ملاقاتون ڪن، ملاقات ۾ ڪي فور منصوبي بابت به ڳالهه ٻولهه، وڏي وزير چيو ته ڪي فور منصوبي تي 86 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، منصوبي لاءِ وڌيڪ 78 ارب رپين جي ضرورت آهي، وفاقي حڪومت کي جلد فنڊ جاري ڪرڻ گهرجن، وفاقي وزير خاطري ڪرائي ته وزيراعظم سان ڳالهائي فنڊ فراهم ڪيا ويندا