نيب جاچ ڪرڻ جي اهل ئي ناهي، ظاهري طور لڳي ٿو ته نيب ايس پي ايس سي آفيسرن جي ميڊيا ٽرائل پئي ڪري، نوٽيس جي ٻولي ڏسي لڳي ٿو ته جوابدارن کي بنا ٽرائل 14 سال جي سزا ٻڌائي وئي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيسرن خلاف نيب انڪوائري بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس، عدالت جو ايس پي ايس سي آفيسرن خلاف نيب انڪوائريءَ تي ڪاوڙ جو اظهار، نيب عملدارن کي ٻن ڏينهن ۾ انڪوائري بابت لاڳاپيل دستاويز پيش ڪرڻ جو حڪم، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته آفيسرن کي مليل نوٽيس مان ظاهر ٿئي ٿو ته آفيسرن کي هراسان ڪيو پيو وڃي، ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي قانون تحت جوابدارن کي جاچ لاءِ نوٽيس موڪليو ويو، نوٽيس ملڻ کان پوءِ ته ماڻهو پريشان آهن ته کين بنا ٽرائل سزا ٿي وئي آهي، عدالت نيب چيئرمين کان پڇي ٿي ته 2018 جي شڪايت تي 2025 ۾ جاچ ڪيئن پئي ٿئي، ڇا هڪ انڪوائريءَ کي مڪمل ڪرڻ ۾ ست سال لڳي ويندا آهن؟ جاچ آفيسر چيو ته قانون موجب نيب کي 6 مهينن ۾ انڪواري مڪمل ڪرڻي هوندي آهي، عدالت چيو ته 6 سالن ۾ به انڪوائري نٿا ڪري سگھن