پيپلز پارٽي واعدا نڀائي رهي آهي، اسان جو مقصد بااختيار، خوشحال ۽ پائيدار سنڌ آهي، مالي سال 2025-26 ۾ 481 نوان منصوبا شروع ڪيا ويندا، جيڪي عوام جِي قسمت بدلائي ڇڏيندا، صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلزپارٽي جَي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جَي ويزن تي عمل پيرا آهيون، 4لک کان وڌيڪ گهرن کي سولر سسٽم فراهم ڪيون پيا، سولر منصوبي سان بجليءَ جي کوٽ، گدلاڻ ۽ بلن جو بار گهٽبو، سرڪاري آفيسون، اسپتالون ۽ اسڪول به مرحليوار سولر سسٽم تي منتقل ڪيا پيا وڃن، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام جو بيان، چوي ٿو، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هڪ ڏهائي 58 ارب رپين سان اسپتال جي بهتري ٿي رهي آهي، اسلام ڪوٽ ۾هڪ ڏهائي 43 ارب رپين جو جديد ميڊيڪل ڪامپليڪس قائم ڪيو ويندو، گهوٽڪي، قمبر، گڊاڻي سميت مختلف هنڌن تي اربين رپين جا روڊ ۽ پل جا منصوبا شروع ڪيا ويا آهن، نارا ڪئنال لائيننگ لاءِچار ڏهائي 29 ارب رپيا، نيڪال لاءِ 33 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن، اين اِي ڊي يونيورسٽي ۾ 1.7 ارب رپين سان 17 ماڙ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ قائم ٿيندو، ورلڊ بئنڪ سان گڏ 3.2 ارب ڊالرن جا 13 وڏا منصوبا جاري آهن، بي آر ٽي، سولر انرجي، شهري آمد رفت، ٻوڏ کان تحفظ، پاڻي، تعليم ۽ زراعت جا منصوبا شامل آهن