ملڪ ڀر ۾ بجلي جي صارفين لاءِ سٺي خبر – نيپرا بنيادي ٽيرف گهٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
ڪراچي سميت ملڪ ڀر جي بجلي صارفين لاءِ سٺي خبر سامهون اچي وئي آهي، جنهن موجب نيپرا (نیشنل الیکٹرک پاور ریگولیٹری اتھارٹی) بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ گهٽتائي بابت حڪومت جي درخواست منظور ڪري، پنهنجو فيصلو وفاقي حڪومت ڏانهن نوٽيفڪيشن لاءِ موڪلي ڇڏيو آهي۔
بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ اوسطاً 1 رپيو 14 پيسا في يونٽ، جڏهن ته وڌ ۾ وڌ 1 رپيو 16 پيسا في يونٽ جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي۔
نيپرا طرفان حڪومت جي درخواست جي منظوري ڏني وئي آهي، جيڪا 1 جولاءِ 2025 کان لاڳو ٿيندي۔ ياد رهي ته پاور ڊويزن پاران سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ لاءِ نيپرا ۾ درخواست ڏني وئي هئي، جنهن تي نيپرا گذريل ڏينهن ٻڌڻي ڪئي هئي۔
🧾 نوان ٽيرف تفصيل هن ريت آهن:
- گهرن لاءِ وڌ ۾ وڌ ٽيرف 48.84 رپين مان گهٽجي 47.69 رپيا ٿي ويو۔
- 1 کان 100 يونٽ تائين محفوظ (Protected) صارفين لاءِ ٽيرف 1.15 رپيا گهٽجي 10.54 رپيا ٿي ويو۔
- 101 کان 200 يونٽ تائين محفوظ صارفين لاءِ ٽيرف 1.15 رپيا گهٽجي 13.01 رپيا ٿي ويو۔
- 1 کان 100 يونٽ تائين غير محفوظ (Non-Protected) صارفين لاءِ ٽيرف 1.15 رپيا گهٽجي 22.44 رپيا ٿي ويو۔
- 101 کان 200 يونٽ تائين غير محفوظ صارفين لاءِ ٽيرف 1.16 رپيا گهٽجي 28.91 رپيا ٿي ويو۔
- 201 کان 300 يونٽ تائين ٽيرف 1.16 رپيا گهٽجي 33.10 رپيا ٿي ويو۔
- 301 کان 400 يونٽ تائين ٽيرف 1.16 رپيا گهٽجي 37.99 رپيا ٿي ويو۔
- 401 کان 500 يونٽ تائين ٽيرف 1.14 رپيا گهٽجي 40.22 رپيا ٿي ويو۔
- 501 کان 600 يونٽ تائين ٽيرف 1.16 رپيا گهٽجي 41.62 رپيا ٿي ويو۔
- 601 کان 700 يونٽ تائين ٽيرف 1.16 رپيا گهٽجي 42.76 رپيا ٿي ويو۔
- 700 يونٽ کان مٿي ٽيرف 1.15 رپيا گهٽجي 47.69 رپيا ٿي ويو۔
نوٽ: ٽيڪس شامل ڪرڻ بعد في يونٽ حتمي قيمت وڌي سگهي ٿي۔
لائف لائن صارفين لاءِ:
ماہوار 51 کان 100 يونٽ تائين لائف لائن صارفين لاءِ ٽيرف 7.74 رپيا في يونٽ تي برقرار رهندو۔
ماہوار 50 يونٽ تائين گھريلو لائف لائن صارفين لاءِ ٽيرف 3.95 رپيا في يونٽ برقرار رهندو۔