تازہ ترین

ترڪ صدر رجب طيب پاران اسرائيلي قدم بي لغام، اڳرائيءَ ۽ غير قانوني قرار

اسرائيل خطي ۾ عدم استحڪام پيو پکيڙي، اسرائيل ۽ ايران ڇڪتاڻ روڪرائڻي پوندي: او آءِ سي اجلاس کي خطاب

استنبول (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ترڪ صدر اسرائيلي قدم بي لغام، اڳرائيءَ وارا ۽ غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيا.

سندس چوڻ هو ته اسرائيل خطي ۾ عدم استحڪام پکيڙي رهيو آهي، اسرائيل ۽ ايران ۾ ڇڪتاڻ روڪرائڻي پوندي.

صدر رجب طيب اردگان جو او آءِ سي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته عالمي برادري اسرائيل جي اڳرائي روڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري.

هن چيوته اسرائيل اڳ ۾ غزا تي حملو ڪيو، غزا ۾ 55 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.

صدر رجب طيب اردگان جو چوڻ هو ته اميد آهي ته اجلاس جا فيصلا مسلمانن ۽ انسانيت جي حق ۾ هوندا.

هن چيو ته هي مسلمانن لاءِ اهم موقعو آهي، مسلمانن جو اتحاد وقت جي اهم ضرورت آهي، مسلمان متحد ٿي اسرائيلي اڳرائي خلاف آواز اٿارين.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.