ايران تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪريون ٿا: اسلامي سهڪار تنظيم جو سيڪريٽري جنرل
استنول (انٽرنيشنل ديسڪ) اسلامي سهڪار تنظيم جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم چيو آهي ته موجوده حالتن ۾ مسلمانن جي وچ ۾ اتحاد اڻٽر آهي.
ايران تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪريون ٿا، ايران ۽ غزا تي اسرائيلي اڳراڻي قبولڻ جوڳي ناهي، ايران-اسرائيل تڪرار جو پرامن حل ڳولڻ گهرجي.
استنبول ۾ اسلامي سهڪار تنظيم جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم خطاب ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب، هر ملڪ کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي.
هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڳالهين ذريعي سمورن تڪرارن جو حل ڳوليو وڃي.