ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل کاتي جي صوبائي وزير علي حسن زرداري پاران شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي سالگرهه تي ڀيٽا پيش
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل کاتي جي صوبائي وزير علي حسن زرداري پاران شهيد محترمه بينظير ڀٽو 72هين سالگرهه تي کيس ڀيٽا پيش.
پنهنجي پيغام ۾ صوبائي وزير علي حسن زرداري چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو هڪ بيمثال اڳواڻ هئي. هوءَ اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم بڻجي نئون باب لکيو.
هن وڌيڪ چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي سياست جو مقصد رڳو اقتدار حاصل ڪرڻ نه هو. شهيد بي بي جو مقصد عوام جي خدمت ۽ آئين جي بالادستي هو.
صوبائي وزير جو چوڻ هو ته عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ محروم طبقن جو آواز بڻجڻ شهيد بي بي جو مقصد هو، محترمه جمهوريت جي بحالي ۽ آمريت خلاف جدوجهد ڪئي.
علي حسن زرداري وڌيڪ چيو ته ضياءَ جي آمريتي دور ۾ محترمه جلاوطني، قيد ۽ ذهني اذيتون برداشت ڪيون، شهيد بي بي ميزائل ٽيڪنالاجي ڏئي ملڪي دفاع کي مضبوط بڻايو.
صوبائي وزير چيو ته شهيد بي بي جو مشن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ جاري آهي، پيپلز پارٽي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خوابن کي حقيقت بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.