اسرائيل سان لاڳاپن جي الزام هيٺ 12 جون کان هن وقت تائين 22 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو: ايران
تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اسرائيل جي جاسوسي جي الزام ۾ گرفتار ماڻهن جو انگ وڌي 22 ٿي ويو.
ايراني عملدارن جو چوڻ آهي ته اسرائيل سان لاڳاپن جي الزام هيٺ 12 جون کان هن وقت تائين 22 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ايراني ميڊيا موجب گرفتار ماڻهن تي عوامي راءِ کي نقصان پهچائڻ ۽ يهودي حڪومت جي حمايت ڪرڻ جا الزام آهن.