ڀارت سنڌ طاس معاهدي ڏانهن ميري اک کنئي ته ساڻس ٻي جنگ وڙهنداسين: آجياڻي واري جلسي کي خطاب
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته ڀارت ٻڌي ڇڏي ته کيس هر محاذ تي شڪست ڏينداسين.
ڀارت سنڌ طاس معاهدي ڏانهن ميري اک کنئي ته ساڻس ٻي جنگ وڙهنداسين، ڀارت کي سِر جو جواب پٿر سان ڏينداسين.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آجياڻي واري جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ڀارت کي سنڌوءَ تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين.
ڀارت جون پاڪستان خلاف سازشون ناڪام ٿيون آهن، پيپلزپارٽي هر دور ۾ ڪشميرين جو آواز اٿاريو آهي.
هن چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان جي بيانئي جي سوڀ ٿي آهي، ڪشمير ڀارت جو اندروني معاملو نه رهيو آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته ڀارت کي سنڌ طاس معاهدو مڃڻو پوندو، ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي نه مڃيو ته ساڻس هڪ ٻي فيصلائتي جنگ ڪنداسين.
هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قدمن کي سڄي دنيا ۾ وائکو ڪيو، هاڻي ته آمريڪي صدر چوي پيو ڪشمير جو مسئلو حل ڪرائڻ لاءِ تيار آهيان.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن ڀارت درياءَ تي حملو ڪيو ته سياسي يتيم ڪٿي هئا، پاڪ فوج ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏني.