اسرائيل جي راڄڌاني تل ابيب ۾ زودار ڌماڪا ٻڌايا ويا، ڊين گش ۾ رهائشي عمارت کي باهه لڳي وئي
تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جو اسرائيل تي وري ميزائل حملو، فوجي مرڪزن، هوائي اڏي، ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول مرڪز کي نشانو بڻايو ويو.
اسرائيلي ميڊيا موجب اسرائيل جي راڄڌاني تل ابيب ۾ زودار ڌماڪا ٻڌايا ويا، ڊين گش ۾ رهائشي عمارت کي باهه لڳي وئي.
ايران جي خاتم الانبيا هيڊ ڪوارٽر جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسرائيلي شهرن تي ميزائلن سان تازا 2 حملا ڪيا ويا.
حملن دوران اسرائيل جي فوجي مرڪزن، 2 هوائي اڏن، دفاعي صنعتن، ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول مرڪز کي نشانو بڻايو ويو آهي.