سنڌ جي ترقي روڊن، پلن، عمارتن ۽ عوامي سهولتن سان جڙيل آهي: سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس کي خطاب
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل کاتي جي صوبائي وزير علي حسن زرداري چيو آهي ته قيادت سنڌ جي ترقيءَ صرف هڪ مقصد نه پر ذميواري سمجهي ٿي.
سنڌ جي ترقي روڊن، پلن، عمارتن ۽ عوامي سهولتن سان جڙيل آهي، منصوبا عوام جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائن ٿا
ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل کاتي جي وزير علي حسن زرداري جي سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ تقرير ڪندي چيو ته معياري انفرا اسٽرڪچر جي فراهمي ۽ گڏيل ترقي ترجيحن جو حصو آهن.
سندس چوڻ هو ته ورڪس اينڊ سروسز کاتي تحت 325 اسڪيمون مڪمل ڪيون ويون آهن، ترقياتي رفتار کي جاري رکندي 572 اسڪيمون اڳتي وڌايون وينديون.
علي حسن زرداري چيو ته 48 نيون اسڪيمون پڻ تجويز ڪيون ويون آهن، وفاقي پي ايس ڊي پي تحت 5 وڏن روڊ منصوبن تي عمل ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته جيل کاتي جون اسڪيمون پڻ جاري آهن، جيڪي قيدين جي تحفظ، ڀلائي ۽ جيلن جي انفرا اسٽرڪچر کي بهتر بڻائن ٿيون.
صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته منصوبا سنڌ کي هڪ روشن مستقبل ڏانهن وٺي وڃن ٿا، سندن ارادو سنڌ جي هر علائقي، ڳوٺ، شهر تائين ترقي جا جهنڊا ڦڙڪائڻ آهي.