پارٽي طرفان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪراچي ايئرپورٽ ٻاهران شاندار آجيان ڪئي ويندي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي دورو مڪمل ڪرڻ کان پوءِ اڄ شام ڪراچي پهچندو.
پيپلزپارٽي طرفان پارتي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪراچي ايئرپورٽ ٻاهران شاندار آجيان ڪئي ويندي.
پيپلزپارٽي چيئرمين پاڪ ڀارت جنگ کان پوءِ پاڪستان جي پارلياماني وفد جي سربراهي ڪندي مختلف ملڪن جي سربراهن ۽ سفارتڪارن سان ملاقاتون ڪيون.
بلاول ڀٽو زرداري دنيا آڏو پاڪستان جو موقف ڀرپور نموني پيش ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري جي استقبال لاءِ پيپلزپارٽي ڪراچي جي ڊويزن طرفان مختلف علائقن مان ڪارڪنن جا قافلا ايئرپورٽ پهچندا.
وڏو وزير سيد مراد علي، صوبائي صدر نثار احمد کهڙو، ايم اين ايز، ايم پي ايز توڙي پارٽي عهديدار ۽ ڪارڪن پارٽي چيئرمين جي آجيان ڪندا.