تازہ ترین

پاڪستان علائقائي امن لاءِ سيڪيورٽي فريم ورڪ کي هٿي ڏيڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪندو: فيلڊ مارشل عاصم منير

فيلڊ مارشل عاصم منير جي آمريڪي دوري دوران ٿنڪ ٽينڪس ۽ اسٽريٽجڪ معاملن جي نمائندن سان ملاقات

راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) آءِ ايس پي آر چيو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان علائقائي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ سهڪار تي ٻڌل سڪيورٽي فريڪ ورڪ کي هٿي ڏيڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪندو رهندو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير آمريڪا جي سرڪاري دوري دوران آمريڪي ٿنڪ ٽينڪس ۽ اسٽريٽجڪ معاملن جي نمائندن سان ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ملاقات دوران پاڪستان اسٽريٽجڪ ويزن کي بهتر طور سمجهڻ جو موقعو فراهم ڪيو.

آءِ ايس پي آر جي بيان موجب آرمي چيف واشنگٽن ۾ مشهور اسڪالرز، تجزئي نگارن، پاليسي ماهرن ۽ عالمي ميڊيا ادارن جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.

ملاقات دوران فيلڊ مارشل پاڪستان جي اصولي موقف کي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي اجاگر ڪيو، دهشتگردي بابت پاڪستان جي نقطه نظر تي پڻ روشني وڌي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.