قومي اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي آصفه ڀٽو زرداريءَ چيو ته تعليم ۽ صحت لاءِ بجيٽ وڌائڻي پوندي: قومي اسيمبلي ۾ خطاب
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پيپلزپارٽي ايم اين اي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته تعليم ڪا سهولت نه پر عوام جو حق آهي، عورت جي تعليم واري شرح وڌائڻ جي ضرورت آهي.
قومي اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي آصفه ڀٽو زرداريءَ چيو ته تعليم ۽ صحت لاءِ بجيٽ وڌائڻي پوندي، ورڪنگ ڪلاس کي سهولتون ڏيڻ گهرجن.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جو عوام اڄ به ڊگهي لوڊشيڊنگ کي منهن ڏئي رهيو آهي، لوڊشيڊنگ سبب عوام سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهي.