تازہ ترین

يورپي پرڏيهي وزير ايران سان ايٽمي معاملي تي ڳالهيون ڪندا: پرڏيهي خابرو ادارو

جرمني، فرانس ۽ برطانيه جا پرڏيهي وزير جنيوا ۾ ايراني هم منصب سان ڳالهيون ڪندا

جنيوا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) پرڏيهه جي هڪ خابروا داري دعويٰ ڪئي آهي ته يورپي پرڏيهي وزير ايران سان ايٽمي معاملي تي ڳالهيون ڪندا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب جرمني، فرانس ۽ برطانيه جا پرڏيهي وزير جنيوا ۾ ايراني هم منصب سان ڳالهيون ڪندا.

آمريڪا به ايراني هم منصب سان ملاقات تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي، اسرائيل-ايران جنگ تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس پڻ جمعي تي طلب ڪيو ويو آهي.

اجلاس سڏائڻ جي درخواست ايران طرفان ڪئي وئي هئي، پاڪستان، چين ۽ روس جي به کيس حمايت حاصل آهي.

ايران جي نائب پرڏيهي وزير ماجد تخت روانچيءَ جو چوڻ آهي ته اسان ايٽمي هٿيارن تي يقين نٿا رکون.

جيڪڏهن آمريڪا اسرائيل سان جنگ ۾ شامل ٿيو ته اسان وٽ جوابي ڪارروائي کان سواءِ ٻيو ڪو به آپشن نه هوندو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.