ايراني قوم عزم سان جيئڻ چاهي ٿي، غلامي قبول ناهي، اسرائيل کي جنگي ڏوهن جي سزا ملندي: آيت الله خامنه اِي
تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي چيو آهي ته ٽرمپ جي ڌمڪي واري زبان قبول ناهي، ايراني قوم ڪنهن جي به آڏو هٿيار ڦٽا نه ڪندي.
ايراني قوم عزم سان جيئڻ چاهي ٿي، غلامي قبول ناهي، اسرائيل کي جنگي ڏوهن جي سزا ملندي، ايراني فوج دفاع لاءِ مڪمل تيار ۽ متحد آهي، آمريڪي مداخلت جو جواب پورائو نه ٿيڻ جوڳو نقصان هوندو.
ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جو قوم کي خطاب ڪندي چيو ته ايراني عوام پنهنجي شهيدن جو رت نه وساريندو،
ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اِي وڌيڪ چيو ته دشمن مسلمان ملڪن ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ڪن پيا.
ان کان اڳ اعلان جاري ڪندي سپريم ليڊر چيو ته يهودين سان بي رحمي وارو ورتاءُ ڪيو ويندو.
سوشل ميڊيا سائيٽ ايڪس تي جاري بيان ۾ ايراني سپريم ليڊر چيو ته ايران دهشتگرد يهودي رياست خلاف مڪمل طاقت سان ڪارروائي ڪندو ۽ يهودين سان بي رحمي وارو ورتاءُ ڪيو ويندو.
گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ آمريڪي صدر ٽرمپ ايراني سپريم ليڊر کي ڌمڪائيندي چيو هو ته هو ڄاڻن ٿا ته آيت الله خامنه اي ڪٿي آهي، هو آسان هدف آهي، پر اسان اڃا کيس قتل نه پيا ڪريون.