آمريڪا پاران وچ اوڀر ۾ آمريڪي شهرين جي مدد لاءِ مڊل ايسٽ ٽاسڪ فورس قائم
تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اسرائيل ۾ آمريڪي سفارتخانو بند، آمريڪين کي ڪنهن به حالت ۾ ايران، عراق ۽ اسرائيل ڏانهن سفر نه ڪرڻ جي هدايت.
وچ اوڀر ۾ آمريڪي شهرين جي مدد لاءِ مڊل ايسٽ ٽاسڪ فورس قائم.
آمريڪي سفارتخاني طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل ۾ موجود سڀ آمريڪي سرڪاري عملدار ۽ سندن گهرڀاتي ايندڙ اطلاع تائين شيلٽرن ۾ رهندا.
ٽريول ايڊوائيزري پڻ جاري، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، وچ اوڀر ۾ آمريڪي شهرين جي مدد لاءِ مڊل ايسٽ ٽاسڪ فورس ٺاهي وئي آهي.