ايندڙ سال ثقافت کاتي جون 16 رٿائون مڪمل ٿينديون: ذوالفقارشاهه
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ بجيٽ تي بحث جاري.
سياحت ۽ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير ذوالفقار شاهه جو چوڻ هو ته ايندڙ سال ثقافت کاتي جون 16 رٿائون مڪمل ٿينديون.
شاهه جهان مسجد تي ترڪي پاران ڪم ڪيو پيو وڃي، سفاري ٽرين هڪ ٽرپ جا 28 لک رپيا وٺي ٿي.
سفاري ٽرين جو ڀاڙو گهٽائڻ لاءِ وفاق سان ڳالهايو ويندو، گورک هل اسٽيشن لاءِ بجيٽ ۾ هر سال 25 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.
گورک گيسٽ هائوس پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڏنل آهن، ثقافت کاتي جي ڪوشش آهي ته اديبن ۽ شاعرن لاءِ ڪالوني ٺاهي وڃي.