ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملڪي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم شھباز شريف جي ملاقات.
ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وفاقي وزير احسن اقبال، قانون وارو وزير، اعظم نذير تارڙ ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا به موجود ھئا.
وزير اعظم پنھنجي يو اي اِي جي دوري ۽ وفاقي بجيٽ بابت صدر مملڪت آصف علي زرداريءَ کي آگاھه ڪيو.
صدر آصف علي زرداريءَ چيو ته پگھاردار، پينشنرز ۽ مزدورن لاءِ قدم کڻڻ ضروري آھن، وفاقي بجيٽ ۾ پورھيتن ۽ گھٽ آمدني واري طبقي جي ڀلائي کي اوليت ڏني وڃي.