وائيٽ هائوس تصديق ڪري ڇڏي، فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ ڊونلڊ ٽرمپ ڪيبنيٽ ۾ ملاقات ڪندا
واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) پاڪ- آمريڪا لاڳاپن ۾ غير معمولي اڳڀرائي، فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جي اڄ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان اهم ملاقات طئي.
وائيٽ هائوس تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جي ملاقات اڄ مانجهاندي تي ٿيندي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان فيلڊ مارشل، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير جي ملاقات ڪيبنٽ روم ۾ ٿيندي.