تازہ ترین

واشنگٽن واپسيءَ جو مقصد جنگبندي ناهي، ڳالهه ان کان وڏي آهي: ٽرمپ

اسرائيل ۽ ايران ۾ صرف جنگبندي نه پر تڪرار جي حقيقي خاتمي جو خواهشمند آهيان: آمريڪي صدر

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فراسيسي صدر جي دعويٰ کي غلط ثابت ڪندي چيو آهي ته واشنگٽن واپسيءَ جو مقصد جنگ بندي ناهي، ڳالهه ان کان وڏي آهي.

آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ صرف جنگبندي نه پر تڪرار جي حقيقي خاتمي جو خواهشمند آهيان.

جي-7اجلاس اڌ ۾ڇڏي واشنگٽن واپس پهچڻ کان پوءِ آمريڪي صدر ٽرمپ پنهنجي ٽُرٿ سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون کي مشهوريءَ جو مطلبگار قرار ڏيندي لکيو ته ”ميڪرون غلطيءَ سان چيو آهي ته ڪينيڊا ۾ ٿيندڙ جي-7 سمٽ ڇڏي ان لاءِ واشنگٽن واپس پيو وڃان جيئن اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ سيز فائر ڪرائي سگھجي.“

ٽرمپ چيو ته ”غلط! کيس ڪو ادراڪ ناهي ته مان واشنگٽن ڇو پيو وڃان! ان جو سيز فائر سان ڪو تعلق ناهي، ڳالهه ان کان وڏي آهي، ڀلي ڄاڻي واڻي ٿئي يا نه ٿئي، ايمانوئل هميشه ڳالهه غلط ئي ڪندو آهي، خبردار رهو!“

ياد رهي ته فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون سومر تي دعويٰ ڪئي هئي ته ٽرمپ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگبنديءَ جي آڇ ڪئي آهي.

فرانسيسي صدر چيو هو ته ”هڪ آڇ ڪئي وئي آهي ته ملاقات ٿئي ۽ پوءِ خاص طور تي جنگ بنديءَ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وڃي، ۽ پوءِ وڏي پئماني تي ڳالهين جي شروعات ڪئي وڃي.“

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.