هرزيليا ۾ حساس هدف نشانو بڻيا، تل ابيب ۾ ڪيتريون ئي عمارتون تباهه ٿيون: اسرائيلي ميڊيا
تل ابيب (انٽرنيشنل ڊيسڪ) تل ابيب حيفه، هرزيليا ۽ والاريل بيت المقدس سميت اسرائيل جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ايراني ميزائلن تباهي مچائي ڇڏي.
اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته هرزيليا ۾ حساس هدف تي ميزائل ڪريا، تل ابيب ۾ به ڪيتريون ئي عمارتون نشانو بڻيون، اسرائيل نقصان لڪائڻ لاءِ سينسرشپ سخت ڪري ڇڏي.
اسرائيل پاران ايران جي سينيئر ڪمانڊر ۽ خاتم الانبياءَ هيڊڪواٽرز جي انچارج جنرل علي شادماني کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ.
ڪاشان ۾ اسرائيلي حملي دوران 3 ايراني شهري شهيد ٿي ويا، تبريز ۾ به ڌماڪا ٻڌا ويا.