گڏيل بيان ۾ وچ اوڀر ۾ وڌندڙ تڪرار کي گهٽائڻ، ايران جي بحران جو حل ڳولڻ ۽ غزا ۾ جنگبندي تي زور
ڪئناڊا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) جي سيون ملڪن طرفان اسرائيل جي حمايت جو اعلان، ايران عدم استحڪام جو سبب قرار.
جي سيون جي گڏيل بيان ۾ وچ اوڀر ۾ وڌندڙ تڪرار کي گهٽائڻ، ايران جي بحران جو حل ڳولڻ ۽ غزا ۾ جنگبندي تي زور.
جي 7 ملڪن چيو آهي ته اسان جو موقف هميشه کان واضح رهيو آهي ته ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.
اسرائيل کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي، اسرائيل جي سلامتي لاءِ پنهنجي حمايت جي ٻيهر تصديق ڪريون ٿا.
آمريڪي صدر ٽرمپ جي سيون ملڪن جي گڏيل پدرنامي تي صحيحن کان انڪار ڪري ڇڏيو، مسودي ۾ ايران- اسرائيل تڪرار گهٽائڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.