تهران ۾ موجود ڀارتي شاگردن کي جاري تڪرار سبب احتياط طور ٻاهر منتقل ڪيو پيو وڃي: ڀارتي پرڏيهي وزارت
تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزارت تهران ۾ موجود ڀارتي شهرين کي تهران ڇڏڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ڀارتي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته تهران ۾ موجود ڪجهه ڀارتي شاگردن کي جاري تڪرار جي پسمنظر ۾ احتياط طور شهر کان ٻاهر منتقل ڪيو پيو وڃي.
ڀارتي پرڏيهي وزارت جو آهي هو ته ڪجهه ڀارتي شهرين کي آرمينيا جي سرحد ذريعي ايران مان نڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪري رهيا آهن.
آمريڪا پنهنجي شهرين کي ترت ايران ڇڏڻ جون ڏئي ڇڏيون، آمريڪي پرڏيهي کاتي هدايتون جاري ڪيون آهن ته آمريڪي شهري ترت ايران ڇڏين.
آمريڪا جي پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آمريڪي شهري ڪنهن به صورت ۾ ايران جو سفر نه ڪن.