تازہ ترین

ايران جا اسرائيل تي ميزائيل ۽ ڊرون حملا، حيفه ريفائنري بند، 3 ملازم مارجي ويا

تل ابيب (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ايران اسرائيل تي هائبرڊ حملا ڪري ڇڏيا، ايراني ميڊيا موجب ايران حيفه ۽ تل ابيب کي نشانو بڻائن جي لاءِ ڊرونز ۽ ميزائل فائر ڪيا ويا.

حيفه ۽ تل ابيب ۾ سائرن وڄايا ويا، اسرائيلي ميڊيا موجب ايران جي تازن حملن ۾ 3 ماڻهو مارجي ويا آهن، مارجي ويندڙن جو تعلق خانگي ڪمپني سان آهي.

اسرائيلي ميڊيا موجب ايراني حملي ۾ حيفه ۾ واقع بجليءَ جي اسٽيشن تباهه ٿي وئي، حيفه ۾ خطري سبب سموريون ريفائنريز بند ڪيو ويون.

ٻئي طرف ايران جي فوج پاسداران انقلاب جي سربراهه پاران اسرائيل تي حملا جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

رات پاسداران انقلاب جي سربراهه جو چوڻ هو ته اسرائيل تي صبح تائين حملا جاري رکيا ويندا، سربراهه اسرائيل خلاف جديد ڊرون به استعمال ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.