ايراني صدر مسعود پزشڪيان پارليامينٽ ۾ خطاب دوران پاڪستان جي حمايت جي ساراهه ڪئي
تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ايراني پارليامينٽ ۾ ”پاڪستان تشڪر تشڪر“ جا نعرا.
ايراني صدر مسعود پزشڪيان پارليامينٽ ۾ خطاب دوران پاڪستان جي حمايت جي ساراهه ڪئي.
جنهن تي ايراني ايوان جي ميمبرن ”پاڪستان تشڪر تشڪر“ جا نعرا هنيا.
اسرائيلي حملن کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو هو ۽ چيو هو ته بناجواز اسرائيلي جارحيت خلاف پاڪستان مڪمل طور تي ايران سان گڏ بيٺل آهي.