خيبرپختونخواه جي ٻن مختلف هنڌن تي آپريشن ڪيو ويو: آءِ ايس پي آر
ڪوئيٽا (نيشنل ڊيسڪ) خيبر پختونخواه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 5 خارجي دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخواه جي ٻن مختلف هنڌن تي آپريشن ڪيو ويو.
آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز خارجي دهشتگردن جي ٿاڪن جو گهيراءُ ڪيو، سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 4 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو.
اتر وزيرستان ۾ فورسز جي ڪارروائي ۾ هڪ خارجي مارجي ويو، سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.