شام جو ڪراچي جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گجگوڙ سان ڪڪر ٺهي سگهن ٿا: موسميات کاتو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي پاران ڪراچي ۾ اڄ ۽ سڀاڻي برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اڄ منجهند 3 يا 4 وڳي کان پوءِ ڪراچي جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گجگوڙ سان ڪڪر ٺهي سگهن ٿا.
جنهن دوران شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ هلڪي کان وچولي برسات جو امڪان آهي.