سول لائين ٿاڻي جي حد ايس ايس پي چوڪ وٽ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڪار تي فائرنگ
لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ميرپور ٻرڙو جو ايس ايڇ او ميرپور مارجي ويو.
سول لائين ٿاڻي جي حد ايس ايس پي چوڪ وٽ اڻڃاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني.
فائرنگ ۾ ميرپور ٻرڙي ٿاڻي جو ايس ايڇ او نظير حسين چانڊيو سخت زخمي ٿي پيو، زخمي ايس ايڇ او کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او نظير حسين چانڊيو فارنزڪ ليبارٽري ۾ پراپرٽي جمع ڪرائڻ لاءِ آيو هو، جتي مٿس حملو ڪيو ويو.