نيو مانجھي شاخ وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان حبيب الله کوسو کي قتل ڪيو
باهوکوسو (ويب ڊيسڪ) باهوکوسو ڀرسان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل.
نيو مانجھي شاخ وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان حبيب الله کوسو کي قتل ڪيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا.
پوليس نوجوان جو لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، ڏوهارين نوجوان کي مارڻ بعد اعترافي وڊيو جاري ڪري ڇڏي.
جوابدارن جو قتل بعد چوڻ هو ته مقتول حبيب الله سندن خلاف مخبري ڪئي، جنهن تان کيس قتل ڪيو ويو.