اپوزيشن بجيٽ واري ڏينهن احتجاج ڪيو جيڪو غير مناسب هو: سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پيپلزپارٽي کي بجيٽ پاس ڪرائڻ ۾ ڪنهن به پارٽي جي ضرورت ناهي.
اپوزيشن بجيٽ واري ڏينهن احتجاج ڪيو جيڪو غير مناسب هو، احتجاج ڀلي ٿئي ها پر طريقيڪار غلط هو، بجيٽ تقرير دوران قيادت خلاف نه ڳالهائڻ بابت طئي ٿيو هو.
صوبائي وزير ناصر حسين شاهه سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ تقرير ڪندي چيو ته اپوزيشن ليڊر فون ڪري وڏي وزير سان ملڻ جي درخواست ڪئي.
وڏي وزير واضح ڪيو ته ڪنهن به ميمبر کي الڳ اسڪيمون نه ملنديون، پي اين ڊي ۾ بلاڪ وائيز اسڪيمون رکيون ويون آهن.
صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته رڪارڊ تي موجود آهي، علي خورشيدي، فريال ٽالپر وٽ به آيو.