جيئن ڀارت ۽ پاڪستان کي ڳالهين جي ميز تي آندو، ايئن ايران ۽ اسرائيل کي به ڳالهين جي ميز تي آڻبو
واشنگٽن (انٽرنيشنل ديسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جلد ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ معاهدو ٿي ويندو.
جهڙي نموني ڀارت ۽ پاڪستان کي ڳالهين جي ميز تي آندو، ايئن ئي ايران ۽ اسرائيل کي به ڳالهين جي ميز تي امن معاهدو ڪرايو ويندو.
ٽرمپ موجب جوبائيڊن انتظاميا ڪيترائي معاملا خراب ڪيا، جيڪي ٻيهر ٺيڪ ڪيا ويندا، هو گهڻو ڪجهه ڪندو آهي پر ڪريڊٽ ناهي ڏنو ويندو.