نينگر ڪاشف شاهه ۽ رابيل چنا جي وارثن جو بس اسٽينڊ وٽ مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو
ڊکڻ (ويب ڊيسڪ) ڊکڻ ويجهو ڳوٺ سالار جکرو جي رهواسين جو ٻن نينگرن جي بازيابيءَ لاءِ ڌرڻو.
نينگر ڪاشف شاهه ۽ رابيل چنا جي وارثن جو بس اسٽينڊ وٽ مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.
رتوديرو- شڪارپور روڊ مظاهرين پاران بند ڪرڻ جي ڪري شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جام ٿي وئي.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٻنهي نينگرن کي عيد ڏهاڙي اغوا ڪيو ويو، ڌاڙيل 50 لک ڀنگ طلب ڪيو آهي.
وارثن جو چوڻ هو ته پوليس اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جا نينگر بازياب ڪرايا وڃن.