افسوس ته بجيٽ پيش ڪرڻ دوران مخالف ڌر ميمبرن سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو: وڏو وزير
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته افسوس آهي ته بجيٽ پيش ڪرڻ دوران مخالف ڌر ميمبرن سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو.
ڪراچيءَ ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته بجيٽ جي موقعي تي اپوزيشن ميمبرن کي متحد ٿيڻ گهرجي ها.
مراد علي شاهه چيو ته قانون مطابق جنهن ڏينهن بجيٽ پيش ٿيندي آهي، ايون ۾ ٻي ڪا ڪارروائي ناهي هلندي، پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت صوبي جي 17هين بجيٽ پيش ڪئي.
وڏي وزير چيو ته پاڪستان خلاف ڀارتي اڳرائي تي سموري قوم متحد ٿي وئي هئي، اسرائيل جي دهشتگردي جي مذمت ڪيون ٿا.
هن چيو ته اسرائيل جي اڳرائي خلاف اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو آهي، ايران تي اسرائيل جي حملي جي مذمت ڪيون ٿا، اسرائيل ايران تي اڳرائي ڪئي آهي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته عوام کي هرممڪن رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، زراعت لاءِ 35 ارب ۽ قانون واري کاتي لاءِ 35 ارب رپيا رکيا آهن.
توانائي کاتي ۾ 16 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي، مڪاني کاتي لاءِ 204 ارب ۽ گهرو کاتي لاءِ 210 ارب رکيا آهن، صحت کاتي لاءِ 336 ارب رکيا آهن، ساڍا 11 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي.
وڏي وزير چيو ته 18سيڪڙو جي اضافي سان تعليم کاتي لاءِ 541 ارب رکيا آهن، نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ 1کرب 80 ارب جون ترقياتي رٿائون مڪمل ڪنداسين.
هن سال 1460 ترقياتي رٿائون مڪمل ٿي وينديون جيڪو هڪ رڪارڊ آهي، گذريل سال شارٽ فال سبب 666 ارب رپيا رليز ڪيا، 590 رپيا خرچ ڪيا آهن.
مراد علي شاهه چيو ته وفاق کي چوڻ چاهيان ٿو صوبن سان جيڪي واعدا ڪيا وڃن ٿا، اهي پورا ڪرڻ گهرجن، گذريل سال جيڪو واعدو ڪيو ويو ان مان 422 ارب رپيا گهٽ ڏنا ويا.
اسان کي هينئر تائين 1478 ارب رپيا مليا آهن، وفاق بجيٽ پيش ڪرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ 113 ارب رپيا گهٽايا ويا، ٻارنهن جون تي وفاق خط لکي چيو ته 1796 ارب رپيا ڏنا ويندا.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان مسلم ليگ ن نه پر وفاقي سرڪار جي مدد ڪري رهيا آهيون، پيپلزپارٽي وفاق جي اتحادي پارٽي ناهي، رڳو وفاقي حڪومت کي ووٽ ڏنو آهي.
هن چيو ته وفاقي حڪومت سولر تي 18 سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ وارو فيصلو واپس وٺي، وفاق سنڌ ۾ پنهنجي نگراني هيٺ ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي.
جيڪڏهن فيصلا واپس نه ورتا ويا ته پيپلزپارٽي بجيٽ پاس ٿيڻ نه ٿيندي، وزيراعظم کي چيو آهي، جنهن تسليم ڪيو ته اهو غلط آهي.
وفاق کي چيو آهي ته سڌي ريت منصوبا ٺاهڻ بدران اهي منصوبا صوبن کي ڏيڻ گهرجن ها، مون خط لکي چيو آهي ته اھي اسڪيمون پي ايس ڊي پي وسيلي صوبائي حڪومت تحت شروع ٿيڻ گهرجن.
سيد مراد علي شاهه چيو ته حيدرآباد سکر موٽروي لاءِ اي پي سي سي ۾ 30 ارب رکيا ويا بعد ۾گهٽائي 15 ارب رپيا ڪيا ويا.
وزيراعظم چيو آهي ته اهو منصوبو تمام اهم آهي ۽ ان کي جلد مڪمل ڪرڻ گهرجي، ڇا جيترا ۾ جيترا پئسا رکيا ويا آهن، ان سان ايندڙ نسل موٽر وي ٺهندي ڏسي سگهندو؟
هن چيو ته وزيراعظم اعلان ڪري چڪو آهي ته وفاق ڪو به تڪراري ڊيم نه ٺاهيندو، 1991ع واري پاڻي ٺاهه ۾ فلڊ ڪينال ڪڍڻ جي منظوري ڏني وئي هئي.
سنڌ جا ماڻهو جيڪو چاهين ٿا پيپلزپارٽي اهو پورو ڪري ڏيکاريندي آهي، سنڌ جون زمينون ڪنهن ٻئي کي ڏيڻ جو ڪو ارادو ناهي.
مراد علي شاهه چيو ته غير آباد زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت منصوبا آڻينداسين، پنجاب ۾ نوڪرين لاءِ 45 سال عمر جي حد مقرر ڪرڻ جي خبر بي بنياد آهي.
هن چيو ته سپريم ڪورٽ نوڪرين لاءِ عمر جي حد35 سال مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، گريڊ هڪ کان 16 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 12 سيڪڙو واڌ ڪئي.
گريڊ 17 کان 22 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي، اسان جي پگهارن جو ماهوار خرچ هڪ کرب رپيا آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته وفاق پئسا ناهي ڏيندو پر صوبن کان ٽئڪس وصول ڪندو آهي.
وفاق 1908 ارب رپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، جنهن جي بنياد تي بجيٽ ٺاهي وئي، بجيٽ ۾ مسئلن کي منهن ڏنو، جيڪي فنڊز وفاق کان ملڻا هئا، اهي نه مليا.
هن چيو ته صاف پاڻي جي اسڪيمن لاءِ 90 ارب رپيا رکيا آهن، پاڻي اسڪيمن مان 45 ارب جون پبلڪ هيلٿ جون اسڪيمون هونديون.
وفاق کان مليل 86 ارب فيڊرل پي ايس ڊي پي ۾ رکيا ويا آهن، صوبي جي غيرترقياتي خرچن جو ڪاٿو 2 هزار 150 ارب رپيا آهي.
وڏي وزير چيو ته جڏهن پئسا گهٽ ملندا آهن ته ترقياتي بجيٽ متاثر ٿيندي آهي، وفاق اڳ ئي چئي چڪو آهي ته 104 ارب رپيا گهٽ ملندا.
مان هڪ هڪ رپئي جو حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، هن بجيٽ ۾ ڪراچي شهر لاءِ 236ارب رپيا رکيا ويا آهن، پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت شاهراهه ڀٽو لاءِ 56ارب رپيا رکيا.
ڪراچي شهر لاءِ هڪ هزار بسن جو به منصوبو آهي، ڪي ڊي اي ۽ ڪي ايم سي ۾ انجنيئرن جو انگ گهٽ آهي، سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 5 لک گهر ٺاهي چڪا آهيون.
مراد علي شاهه موجب ساڍا 3 لک گهر مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهن، ورلڊ بينڪ جي نمائندي پاڻ وڃي گهرن جو معائنو ڪيو، هي پروگرام دنيا جو وڏو منصوبو آهي، متاثرن کي گهرن جا مالڪاڻا حق به ڏنا آهن.