ايران جي ميزائل تياري وارو فوجي صلاحيت کي مڪمل طور تباهه ڪري رهيا آهيون: اسرائيلي وزيراعظم
تل ابيب (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته ايران تي حملي کان اڳ آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي سربراهن کي آگاهه ڪيو هو.
اسرائيلي وزيراعظم نتين ياهو بيان ڏيندي چيو ته ايران جي ميزائل تياري وارو فوجي صلاحيت کي مڪمل طور تباهه ڪري رهيا آهيون.
اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهون جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايران جو جواب سخت ٿي سگهي ٿو، جنهن جي لاءِ تيار آهيون.
نيتن ياهو موجب اسان کي انٽيلجنس ڄاڻ ملي ته ايران ايٽم بم جي تياريءَ جي بلڪل ويجھو پهچي چڪو آهي جيڪو اسرائيل لاءِ خطرو آهي.