تازہ ترین

ايران پاران اسرائيل خلاف جوابي ڪاررواين دوران پنج ڀيرا ميزائل حملا

اسرائيل ۾7 ھنڌن کي نشانو بڻايو ويو، 9 عمارتون مڪمل تباھه، 4 اسرائيلي مارجي ويا، 200 کان وڌيڪ زخمي

تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ايران جي اسرائيل جي خلاف جوابي ڪاررواين دوران پنج ڀيرا ميزائل حملا،  ايران پاران اسرائيلي جوھري تحقيقاتي مرڪز کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ.

تل ابيب ۽ والاريل بيت والاريل المقدس ۾ سائرن وڄائي شهرين کي بچاءَ جي وارننگ ڏني وئي، تل ابيب ۽ بيت والاريل المقدس ڌماڪن سان گونجي اٿيو.

اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته ايراني ميزائلن کي روڪڻ لاءِ ايئر ڊفينس سسٽم حملن دوران ڀرپور نموني ڪم ڪندو رهيو، اسرائيل پاران تھران ۾ به ھوائي اڏي کي نشانو بڻايو ويو.

ان کان اڳ پهرئين فيز ۾ ايران اسرائيل تي 200 کان وڌيڪ ڪروز ميزائيل فائر ڪيا ھئا، تل ابيب ۽ والاريل بيت المقدس ۾ ميزائيل فائر ڪيا ويا.

ايران پاران اسرائيل ۾7 ھنڌن کي نشانو بڻايو ويو، 9 عمارتون مڪمل تباھه ٿي ويون، 4 اسرائيلي مارجي ويا.

ايراني ميزائل حملن ۾ 200 کان وڌيڪ اسرائيلي زخمي ٿي پيا، اسرائيلي بچاءُ واري وزارت ڀرسان عمارت کي باهه لڳي وئي. ٻئي طرف سڄي رات هلندڙ جنگ دوران ايران طرفان اسرائيلي عورت پائليٽ ۽ 2 جنگي جھاز تباھه ڪرڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي.

ايراني فوج جو چوڻ آھي ته ايف 35 جھاز تباھه ڪيا ويا آھن، اسرائيلي صحافي چيو ته تل ابيب ۾ اسرائيلي فوجي ھيڊ ڪواٽر کي نشانو بڻايو ويو آھي.

رات جو دير تائين اسرائيل تي ميزائل فائر ٿيڻ بعد ھزارين ايراني شھرين روڊن تي نڪري جشن ملھايو، فوج جي حق ۾ نعريبازي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.