تازہ ترین

سنڌ حڪومت 3 هزار 451 ارب 87 ڪروڙ رپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي

سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير بجيٽ پيش ڪئي، ٻهراڙين ۾ به ايمبولينس ۽ ميڊيڪل موبائيل يونٽس آڻڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊپٽي اسپيڪر جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس، اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران بجيٽ پيش.

وڏي وزير مراد علي شاهه پاران ايمبولينس سروس ۽ موبائيل يونٽس کي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ به شروع ڪرڻ جو اعلان

بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته بجيٽ جو ڪاٿو 3 هزار 451 ارب 87  ڪروڙ رپيا آهي.

تعليم، صحت ۽ عوامي ڀلائي جي شعبن لاءِ اضافي فنڊز رکيا ويا آهن، صحت لاءِ بجيٽ ۾ 326 ڏهائي 5 ارب رپيا رکيا ويا.

وڏي وزير چيو ته صحت جي بجيٽ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 8 سيڪڙو وڌيڪ آهي، لاڙڪاڻي ۾ نئين اسپتال جي تعمير لاءِ  10 ارب رپيا رکيا ويا.

گورننس کي جديد بڻائڻ ۽ معيشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم بجيٽ ۾ شامل آهن، گريڊ هڪ کان 16 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 12 سيڪڙو واڌ ڪئي پئي وڃي.

وڏي وزير چيو ته گريڊ 17 کان 22 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 10سيڪڙو واڌ ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي وڏي وزير پينشن ۾ 8 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو .

مراد علي شاهه چيو ته ايس آءِ يو ٽي لاءِ 19 ارب رپيا رکيا ويا آهن، هلندڙ مالي سال سنڌ حڪومت 265 ارب رپين جا ترقياتي فنڊز جاري ڪيا.

تعليم لاءِ 253 ارب رپيا رکيا ويا آهن، تعليم جي بجيٽ ۾ 12.4 سيڪڙو اضافو، 523 ارب رپيا مختص

پرائمري تعليم جي بجيٽ 136 ارب مان وڌائي 156 ارب رپيا ڪئي وئي آهي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته نئين مالي سال ۾ 4 هزار 4 سئو استادن ۽ عملي کي ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، غريب ۽ هوشيار شاگردن جي مدد لاءِ 2 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

مراد علي شاهه چيو ته هلندڙ مالي سال دوران 14 سئو اسڪيمون مڪمل ڪري رهيا آهيون. ايران تي اسرائيل جي حملي جي مذمت ڪيون ٿا.

بجيٽ اجلاس جي شروعات ۾ وڏي وزير چيو ته پاڪ فوج ڀارتي اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏنو، آئون 12 ڀيرا سنڌ جي بجيٽ پيش ڪري چڪو آهيان.

هن چيو ته سنڌ جي عوام جو پيپلزپارٽي تي اعتماد جو اظهار آهي، سنڌ جي عظيم ماڻهن جي خدمت ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

Weltweite Nachrichten in Echtzeit – Ihr Zugang zu den wichtigsten Ereignissen

Unser Unternehmen hat sich darauf spezialisiert, die bedeutendsten Nachrichten aus aller Welt in Echtzeit zu liefern. Mit einem Team aus erfahrenen Journalisten, Redakteuren und Analysten stellen wir sicher, dass unsere Nutzer jederzeit Zugriff auf präzise, aktuelle und umfassend recherchierte Informationen haben. Unser Ziel ist es, Transparenz zu schaffen und Menschen zuverlässig über die Ereignisse zu informieren, die unsere Welt bewegen.

Wir bieten eine breite Palette an Leistungen: von Live-Tickern und Eilmeldungen über tiefgehende Hintergrundberichte bis hin zu exklusiven Interviews mit Experten. Dabei legen wir besonderen Wert auf Objektivität, Schnelligkeit und eine benutzerfreundliche Darstellung, damit unsere Leser die relevanten Informationen sofort erfassen können.

In Kooperation mit Partnern wie https://n1-bet.app/ setzen wir auf moderne digitale Technologien, die eine reibungslose Übermittlung von Nachrichten ermöglichen. Unsere Plattform ist darauf ausgelegt, Informationen effizient zu verbreiten und gleichzeitig die Interaktion mit den Nutzern zu erleichtern.

Nachhaltigkeit bedeutet für uns, langfristiges Vertrauen aufzubauen: Wir investieren kontinuierlich in Qualitätsjournalismus, unabhängige Recherchen und transparente Arbeitsweisen. So schaffen wir eine Nachrichtenquelle, die nicht nur informiert, sondern auch Orientierung bietet.

Mit unserer Leidenschaft für präzise Informationen und unserem Engagement für journalistische Integrität sind wir Ihr verlässlicher Partner in einer sich ständig wandelnden Welt. Bei uns erhalten Sie Nachrichten, die zählen.

Mit uns bleiben Sie immer einen Schritt voraus – informiert, aktuell und unabhängig.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.