تازہ ترین

سنڌ اسيمبليءَ ۾ بجليٽ اجلاس جاري، مراد علي شاهه بجيٽ پيش ڪري رهيو آهي

اسيمبلي اجلاس ۾ ايران تي حملي جي مذمت ڪئي وئي، مخالف ڌر پاران ايوان ۾ گوڙ، نعريبازي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبليءَ جي بجيٽ اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه بجيٽ پيش ڪري رهيو آهي، بجيٽ اجلاس ڊپٽي اسپيڪر نويد انٿوني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو.

اجلاس جي شروعات ۾ قرآن شريف جي تلاول ۽ دعا سان ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ وڏو وزير مراد علي شاهه نئين مالي سال جي بجيٽ پيش ڪرڻ شروع ڪئي.

بجيٽ تقرير ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ايران تي اسرائيل جي حملي جي مذمت ڪيون ٿا، قانون جي پاسداري هجڻ گهرجي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته عالمي برادري اسرائيل جي حملي جو نوٽيس وٺي.

ان کان اڳ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو ته ايوان پاران ايران تي حملي جي مذمت ڪئي وئي، ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته هي ايوان ايران تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪري ٿو.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي بجيٽ تقرير شروع ٿيندي ئي گڏيل مخالف ڌر جي ڊيسڪن تان گوڙ، هل ۽ هنگامون پڻ شروع ٿي ويو.

مخالف ڌر ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جا ميمبر وڏي وزير جي بجيٽ تقرير دوران نعريبازي ڪندا رهيا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.