تازہ ترین

ايران پاران جوابي ڪارروائي جي ڌمڪي بعد اسرائيلي وزيراعظم اڻڄاتل هنڌ روانو

نيتن ياهو جو سرڪاري جهاز ونگ آف زائي، بن گورين ايئرپورٽ تان اڏامي ڀري

تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ايران پاران فضائي حملن جي جواب ۾ ڪارروائي جي ڌمڪي بعد اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو اڻڄاتل هنڌ روانو.

اسرائيلي ميڊيا موجب نيتن ياهو جو سرڪاري جهاز ونگ آف زائي، بن گورين ايئرپورٽ تان اڏامي ڀري.

جهاز جي منزل بابت ڪو به پتو ناهي پئجي سگهيو، اسرائيل تي ايراني حملي جي خدشي سبب ايمرجنسي لاڳو، شھرين کي بم شيلٽرز ويجھو رھڻ جي ھدايت، ھزارين ريزرو فوج طلب.

اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو چيو آھي ته اسرائيلي حملي جو پھريون مرحلو ختم ٿي ويو، ٻيو مرحلو شروع ڪيو آھي.

آپريشن کي رائزنگ لائن جو نالو ڏنو آهي، ايران جو جوھري پروگرام اسرائيل لاءِ خطرو ھو، پنھنجي بچاءَ لاءِ حملو ڪيو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.