وڏو وزير مراد علي شاھه نئين مالي سال جي 3 ھزار 3 سئو ارب رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ پيش ڪندو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس اڄ منجھند 3 وڳي شروع ٿيندو.
سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاھه نئين مالي سال جي 3 ھزار 3 سئو ارب رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ پيش ڪندو.
بجيٽ اجلاس کان پھرين ڪابينا جو اجلاس سڏائي ڪابينا ميمبرن کان بجيٽ تجويزن جي منظوري ورتي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آھي ته بجيٽ ۾ ٽئڪس اوڳاڙين جو ھدف 8 سئو ارب کان وڌيڪ مقرر ڪيو ويو آھي.
بجيٽ ۾ تعليم لاءِ 550 ارب، صحت کاتي لاءِ 340 ارب رکڻ جي تجويز، مڪاني کاتي لاءِ 350 ارب، گھرو کاتي لاءِ 200 ارب رکيا ويندا.
ٽرانسپورٽ لاءِ 75 ارب رپيا رکڻ جي تجويز، صوبائي ترقياتي پروگرام لاءِ 493 ارب رپين مان وڌائي 503 ارب رپيا رکڻ جي تجويز، نئين اسڪيمن لاءِ 183 ارب رپيا رکيا ويندا.