تهران ۽ اصفهان سميت ايران جي فوجي اڏن، پاسداران انقلاب هيڊڪواٽر ۽ فوجي قيادت جي رهائشگاهن تي هوائي حملا
تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اسرائيل، ايران تي وڏو هوائي حملو ڪري جنگ جي شروعات ڪري ڇڏي.
تهران ۽ اصفهان سميت ايران جي مختلف فوجي اڏن، پاسدارن انقلاب جي هيڊڪواٽر ۽ فوجي قيادت جي رهائشگاهن تي هوائي حملا.
هٿياربند فوج جو سربراهه جنرل باقري ۽ پاسدارن انقلاب جو سربراهه جنرل حسين سلامي شهيد.
پاسدارن انقلاب جو ڊپٽي ڪمانڊر جنرل غلام علي راشد، ايران جي جوهري ايجنسي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر فريدون عباسي ۽ آزاد يونيورسٽي جي سربراهه نيوڪليئر سائنسدان محمد مهدي تهرانچي جي شهيد ٿيڻ جي به تصديق.
تهران جي رهائشي علائقي تي اسرائيلي هوائي حملي ۾ 5 شهري شهيد، 20 زخمي ٿي پيا، تبريز ويجهو حملي ۾ 2 ڄڻا شهيد، 6 زخمي ٿيا.